انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو

انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو: 36-1935ع ڌاري انگريزن جي آخري ڏهاڙن ۾، ڍوري ناري ۾ خصوصاً مسلمانن ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ ڪن بزرگن هڪ انجمن ٺاهي، جنهن جو نالو ”انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو“ رکيو ويو، جنهن جا شروعاتي آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ شروعاتي عهديدار، صدر: هدايت الله ولهاري، جنرل سيڪريٽري: محمد علي پلي، خزانچي: حڪيم محمد امين پلي ۽ پبلسٽي سيڪريٽريءَ لاءِ لطف الله حساماڻيءَ کي چونڊيو ويو. هيءَ تنظيم آخر ۾ مسلم ليگ يونٽ ۾ تبديل ٿي وئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو